خان عبدالولي خان

خان عبدالولي خان

خان عبدالولي خان

خان عبدالولي خان: خان عبدالولي خان، خان عبدالغفار خان جو فرزند، موضع اتمان زئي ضلعي مردان ۾ 1917ع ۾ پيدا ٿيو. پشاور مان تعليم حاصل ڪيائين. سياسي تربيت والد کان حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصو گانڌي آشرم سابرمتيءَ (انڊيا) ۾ رهيو ۽ هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. پاڪستان جي قيام کانپوءِ خدائي خدمتگار تحريڪ جي ٻين ليڊرن سان گڏ هن کي به گرفتار ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جي نئشنل عوامي پارٽي (نعپ) ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي مولانا ڀاشانيءَ سان اختلافن جي ڪري نعپ ۾ پنهنجو الڳ ڌڙو ٺاهيائين ۽ ان جو صدر چونڊيو ويو. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ نعپ سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1971ع ۾ جنرل يحييٰ خان نعپ تي پابندي لڳائي ڇڏي. 1972ع جي شروع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي نيشنل عوامي پارٽيءَ تان بندش هٽائي. اپريل 1972ع ۾ نعپ مفتي محمود جي جماعت جمعيت العلماء اسلام جي اشتراڪ سان سرحد ۽ بلوچستان ۾ وزارتون ٺاهيون. فيبروري 1973ع ۾ مرڪزي حڪومت بلوچستان جي وزارت کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ سرحد جي وزارت احتجاج طور مستعفي ٿي وئي. 9 فيبروري 1975ع تي وطن دشمن سرگرمين ۽ شيرپائو جي قتل ڪيس جي ڪوڙن الزامن هيٺ خان عبدالولي خان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس جماعت کي قانون خلاف قرار ڏنو ويو.
15 آڪٽوبر 1976ع تي حڪومت ولي خان ۽ سندس ساٿين تي مقدمو هلائڻ لاءِ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هڪ خاص ٽربيونل قائم ڪيو. جولاءِ 1977ع ۾ ڀُٽي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ فوجي حڪومت ڊسمبر 1977ع ۾ سندس ساٿين سميت کيس ضمانت تي آزاد ڪيو. جنوري 1978ع ۾ ولي خان ۽ نعپ جي ٻين سمورن ليڊرن خلاف مقدما واپس ورتا ويا. ولي خان نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، جيڪا جماعت شير باز خان مزاريءَ، نعپ تي پابنديءَ کان پوءِ قائم ڪئي هئي. ولي خان مختلف وقتن تي تقريباً ڏهه سال قيد ۾ گذاريو. 1986ع ۾ عوامي نيشنل پارٽي وجود ۾ آئي ته ولي خان ان جو سربراهه چونڊيو ويو. 1988ع جي عام اليڪشن ۾ خان عبدالولي خان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. 1990ع ۽ 1993ع جي چونڊن ۾ ولي خان اليڪشن هارائي. وري 1997ع جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بنيو. 1999ع ۾ جنرل مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو، تڏهن چونڊيل ادارن کي مفلوج ڪيو ويو. ولي خان جو سياسي دور پورو ٿيو. هن بزرگ سياستدان 89 سالن جي ڄمار ۾ 2006ع ۾ وفات ڪئي. سندس سياسي ڪردار ۽ جدوجهد پاڪستان جي تاريخ ۾ منفرد حيثيت رکي ٿي.
خان عبدالولي خان ڪجهه ڪتاب به لکيا، جن ۾ ‘Facts and Facts’ وڏي اهميت رکي ٿو. هي ڪتاب دهليءَ مان 1987ع ۾ ڇپيو، جنهن تي هڪ ڌر وڏي واويلا به ڪئي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ان تي پابندي به وڌي وئي.


لفظ خان عبدالولي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.02.09  عيسوي

9 فيبروري 1975ع تي وطن دشمن سرگرمين ۽ شيرپائو جي قتل ڪيس جي ڪوڙن الزامن هيٺ خان عبدالولي خان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس جماعت کي قانون خلاف قرار ڏنو ويو.


1976.10.15  عيسوي

15 آڪٽوبر 1976ع تي حڪومت ولي خان ۽ سندس ساٿين تي مقدمو هلائڻ لاءِ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هڪ خاص ٽربيونل قائم ڪيو. جولاءِ 1977ع ۾ ڀُٽي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ فوجي حڪومت ڊسمبر 1977ع ۾ سندس ساٿين سميت کيس ضمانت تي آزاد ڪيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديو اُڌارام ناٿاڻي
تهمينه مفتي
بقادار شاهه
خاناڻي نصير خان
حاجي شاهه محمد بلوچ
استاد انور علي سانگي
جهانگيرڪرامت
تاجو جتوئي
شبير ساگر
سوهارتو Suharto
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون